رضوي محمد زمان شاهه

رضوي محمد زمان شاهه

رضوي محمد زمان شاهه

رضوي، محمد زمان شاهه: نامور شاعر محمد زمان ولد سيد مرزان شاهه 24 شعبان 1305هه/ 6 مئي 1888ع تي پيدا ٿيو. هيءُ ٺٽي جي رضوي سـاداتـن جـي پيرزادن جي پاڙي مان هو. محمد زمان شاهه رضوي، نعتون، مرثيا، منقبتون، قصيدا، ڪافيون، مولود ۽ رباعيون وڏي تعداد ۾ لکيون. محمد زمان شاهه مذهبي شاعريءَ ۾ ’زمان‘ ۽ باقي هر قسم جي شاعريءَ ۾ ’ساقي‘ تخلص استعمال ڪندو هو.
زمان شاهه ساقيءَ جون ’عمر مارئي‘ ۽ ’سسئي پنهون‘ بابت ٽيهه اکريون به چيل آهن، جن جي هرهڪ داستان ۾ ٽيهه بيت ۽ هر هڪ مصرع ۾ ڇهه سٽون آهن. هن ٻي ٽيهه اکري صنعت توشيح بند ۾ جوڙي آهي. محمد زمان شاهه خلافت تحريڪ دوران مولانا شوڪت عليءَ جي حيدرآباد ۾ آمد وقت، 6 صفر 1339هه/ 20 آڪٽوبر 1920ع تي ’اظهار افسوس‘، ’فرياد‘، ’مظلوم‘، ’فرياد قوم‘، ’فرياد بيڪسان‘ ۽ ’گلشن ماتم‘ وغيره جھڙا شعر چيا هئا. هن مولانا محمد علي جوهر جي قيد ۾ هجڻ دوران ’فرياد مسلم‘ عنوان سان نظم لکيو. ساڳيءَ طرح سندس قيد مان آزاديءَ وقت مبارڪباد جو غزل پڻ لکيو.
محمد زمان شاهه رضوي شاعريءَ سان گڏ سياست ۾ به ڪافي دلچسپي ورتي. 1920ع ۾ آغا غلام مجدد مٽيارويءَ طرفان سڏايل خلافت ڪانفرنس ۾ ڀرپور حصو ورتائين. محمد زمان شاهه جو سنڌيءَ ۾ ديوان موجود آهي، جنهن ۾ 150 کان مٿي غزل آهن، پر هو ديوان مڪمل ڪري نه سگھيو.
محمد زمان شاهه ’ساقي‘ رضويءَ، 16 مئي 1928ع/20 ذوالقعد 1347هه ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1888.05.06  عيسوي

نامور شاعر محمد زمان ولد سيد مرزان شاهه 24 شعبان 1305هه/ 6 مئي 1888ع تي پيدا ٿيو.


1928.05.16  عيسوي

محمد زمان شاهه ’ساقي‘ رضويءَ، 16 مئي 1928ع/20 ذوالقعد 1347هه ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دانش اياز
ارشاد عباسي
ادل سومرو
اوڌوداس
ڪوثر ٻرڙو
محمد عثمان جمالي
الهه اوڀايو جوڻيجو
امام الدين ضامن 1
عراقي فخرالدين شيخ
آسو رام
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون